تازه ترين

خانپور ويجھو هٿياربند هٿيارن جي زور تي مڇي جي فارم تي ستل ٻن چوڪيدارن کي  مبينا طور اغوا ڪري ويا

خانپور ويجھو هٿياربند هٿيارن جي زور تي مڇي جي فارم تي ستل ٻن چوڪيدارن کي  مبينا طور اغوا ڪري ويا، واقعي خلاف وارثن ۽ پهوڙ برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ ڳاڙھو مقام ٻاھران ڌاڙيل، محمد صالح پهوڙ ۽ عبدالحميد پهوڙ کي اغوا ڪري ويا.

ٻن چوڪيدارن جي اغوا خلاف وارثن ۽ پهوڙ برادري پاران انڊس هاءِ وي تي فيضو اسٽاپ ويجهو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات دير سان هٿياربند هٿيارن جي زور تي مڇي جي فارم تي ستل ٻن چوڪيدارن کي اغوا ڪري ويا آهن.

هنن چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر، اغوا ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته خانپور تعلقي مڪمل طور ڏوهارين حوالي آهي، پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون