خانپور پوليس ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل سئي گيس جو چوڪيدار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

spot_img
- Advertisement -

خانپور پوليس ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل سئي گيس جو چوڪيدار بازياب ٿي گهر پهچي ويو، پوليس پاران مقابلي کانپوءِ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي.

پوليس جو چوڻ آحي ته ڪچي جي علائقي سکپور ۾ ڏوهارين سان مقابلي کانپوءِ ڳوٺ ٻورڙي واسي عبدالستار سيٺار کي بازياب ڪرايو ويو.

رستم پوليس ۽ شڪارپور پوليس جي اسپيشل ٽيم کي اطلاع مليو ته ڌاڙيل مغوي کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا آهن جن پهچي مقابلي کانپوءِ مغوي کي بازياب ڪرايو.

پوليس موجب، مقابلي دوران ڌاڙيل فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

ٻئي پاسي عبدالستار سيٺار جي بازيابي جي اطلاع تي سندس گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
30%
1.8m/s
100%
آچر
12 °
سُومر
17 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
17 °

تازه ترين خبرون