خانپور ڀرسان ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي ٻن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا، سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کي مغوي اهلڪارن کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
رستم ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيل ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي وڏي منشي جبار سولنگي ۽ رستم واسي پوليس اهلڪار اياز چني کي ڪچي طرف منتقل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ٻن پوليس اهلڪارن جي اغوا جو نوٽيس ورتو.
صوبائي گهرو وزير، ايس ايس پي شڪارپور کي مغوي پوليس اهلڪارن کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته اهلڪارن جي اغوا ۾ ملوث ڌاڙيلن جي ٽولي کي انجام تائين پهچايو وڃي، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت پهرين ترجيح آهي.