وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خطي ۾ واپاري سرگرمين سان ئي ترقي ممڪن آهي، اقتصادي سهڪاري تنظيم خطي جي ترقي لاءِ اهم فورم آهي، پاڪستان اي سي او جي ميمبرن ملڪ سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪندو، اي سي او ريجن ۾ وڌيڪ سرحدي ۽ واپاري سرگرمين جي ضرورت آهي.
تاشقند ۾ اقتصادي سهڪار تنظيم جي 16هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي، تنظيم جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل پاڪستان مان ٿيڻ تي خوشي آهي.
سندس چوڻ هو ته اقتصادي سهڪار تنظيم خطي جي ترقي لاءِ اهم فورم آهي، خطي ۾ واپاري سرگرمين سان ئي ترقي ممڪن آهي، اي سي او ملڪن وچ ۾ واپاري راهداريون اهم ڪردار ادا ڪنديون.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او ريجن ۾ وڌيڪ سرحدي ۽ واپاري راهدارين جي ضرورت آهي، پاڪستان جي حڪومت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص ڪائونسل قائم ڪئي آهي، ملڪ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن.
هن چيو ته پاڪستان اي سي او جي ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان فلسطين ۾ جاري بربريت جي مذمت ڪري ٿو، غزا ۾ جاري جنگ فوري طور بند ٿيڻ گهرجي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او جي سمورن ملڪن کي غزا ۾ جنگ بندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اي سي او فورم کي هڪ باقاعده تنظيم جي شڪل ڏيڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ ٻارن، عورتن ۽ هٿين خالي ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او جا ملڪ اسلامو فوبيا بابت متحرڪ موقف اختيار ڪن، پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي هدفن تي تيزي سان عمل ڪرڻ چاهي ٿو