خوراڪ کاتي جي پهرين فزيڪل ويريفيڪيشن رپورٽ ۾ هوش وڃائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن.
رپورٽ ۾ صوبي جي 12 ضلعي جي گودامن مان 2 لک 66 هزار 453 ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيڻ باوجود خريداري هدف پورو نه ٿي سگهيو جڏهن ته 14 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مان رڳو 7 لک 7 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبي جي بئنڪن مان قرض وٺي خريد ڪيل 2 ارب 67 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ گودامن مان گم آهي جڏهن ته صوبي جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ چوري معمول بڻجي وئي.
ذريعن موجب، گذريل سال به 2 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ چوري ٿي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪڻڪ چوري جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.