- Advertisement -
خيبرپختنخواهه جي علائقي ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي ڳجهي اطلاع تي ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ عظمت عرف عظمتي، ڪرامت عرف حنزله ۽ ريحان جي نالي سان ٿي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ڏکڻ وزيرستان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي اغوا سميت دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي- Advertisement -
