- Advertisement -
خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 8 ڪلاڪ غائب رهڻ کانپوءِ منظر عام تي اچي ويو، ساڻس رابطا به بحال ٿي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزيرعلي امين گنڊاپور رات دير سان اسلام آباد کان پشاور روانو ٿي ويو.
پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ علي امين گنڊاپور جي واپس پشاور پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ٻئي پاسي اسلام آباد جي سنگجاني ٿاڻي ۾ جلسي جي قاعدن ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ رياست مخالف تقريرن تي خيبرپختونخوا جو وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ ضلعي انتطاميا جي آفيسر کي ناحق بند رکڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
