تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خيبرپختونخوا جي ترجمان بئريسٽر سيف ڊيل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي : عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي ترجمان بئريسٽر سيف ڊيل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، کيس پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اين سي اي پاڪستان مان ڦريل ناڻو واپس ڪيو،  پي ٽي آءِ باني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو شڪار ٿي ويو آهي، فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر 190 ملين پائونڊ جا اهم ڪردار آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف باني، پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي سان گڏجي اربين رپين جو ڌاڙو هنيو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ دير جا طريقا استعمال ڪندو رهيو، 190 ملين پائونڊ ڪيس م انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون ويون. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف باني جي ڪابينا جي ماڻهن مڃيو ته کين بند لفافي بابت ڪابه خبر نه هئي، فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر به 190ملين پائونڊ ڪيس جا اهم ڪردار آهن. هن چيو ته شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جهڙا ڪردار عدالتي حڪم تي ملڪ کان ٻاهر ويا، ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ مذهب جو استعمال ڪيو ويو. پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته اين سي اي پاڪستان جي ڦر ڪيل رقم واپس ڪئي، فيصلي جو انتظار ڪندڙ ڇو روئي رهيا هئا؟، تحريڪ انصاف باني کي لائونچ ڪندڙن صادق ۽ امين جو لقب ڏنو. عظميٰ بخاري چيو ته 190ملين پائونڊ جي فيصلي تحريڪ انصاف باني جي صادق ۽ امين واري لقب کي وائکو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ باني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو شڪار ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون