تازه ترين

خيبرپختونخوا جي ترجمان بئريسٽر سيف ڊيل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي : عظميٰ بخاري

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي ترجمان بئريسٽر سيف ڊيل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، کيس پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اين سي اي پاڪستان مان ڦريل ناڻو واپس ڪيو،  پي ٽي آءِ باني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو شڪار ٿي ويو آهي، فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر 190 ملين پائونڊ جا اهم ڪردار آهن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف باني، پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي سان گڏجي اربين رپين جو ڌاڙو هنيو.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ دير جا طريقا استعمال ڪندو رهيو، 190 ملين پائونڊ ڪيس م انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون ويون.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف باني جي ڪابينا جي ماڻهن مڃيو ته کين بند لفافي بابت ڪابه خبر نه هئي، فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر به 190ملين پائونڊ ڪيس جا اهم ڪردار آهن.

هن چيو ته شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جهڙا ڪردار عدالتي حڪم تي ملڪ کان ٻاهر ويا، ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ مذهب جو استعمال ڪيو ويو.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته اين سي اي پاڪستان جي ڦر ڪيل رقم واپس ڪئي، فيصلي جو انتظار ڪندڙ ڇو روئي رهيا هئا؟، تحريڪ انصاف باني کي لائونچ ڪندڙن صادق ۽ امين جو لقب ڏنو.

عظميٰ بخاري چيو ته 190ملين پائونڊ جي فيصلي تحريڪ انصاف باني جي صادق ۽ امين واري لقب کي وائکو ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ باني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو شڪار ٿي ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون