تازه ترين

خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ڪيترائي عارضي ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا.

خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا ڪيترائي عارضي ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا.

لڪي مروت پوليس سرحدي علائقي ۾ سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن ڪيو جنهن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي عارضي ٿاڪن کي بمن سان تباهه ڪيو ويو.

پوليس موجب، ڪرڪ ۽ ميانوالي جي وچ تي جبلن ۾ قائم ڪيمپ به تباهه ڪيا ويا.

آءِ جي خيبرپختونخوا جو چوڻ آهي ته عباسه خٽڪ ۽ ڀرپاسي سميت پنجاب بارڊر سان گڏ عارضي پناهگاهون تباهه ڪيون ويون، ڪلين اپ آپريشن آخري ٿاڪ جي خاتمي تائين جاري رهندو.

ٻئي پاسي خيبر جمرود باءِ پاس چوڪي تي شدت پسندن حملو ڪيو جنهن ۾ 2 سپاهي زخمي ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ زخمي دهشتگرد زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا.

هوڏانهن پشاور ۾ پوليس اسٽيشن ريگي جي ملازئي چوڪي تي اڻڄاتل جوابدارن دستي بم سان حملو ڪيو پر خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.

ٻئي پاسي پوليس طرفان لڪي مرڪت ۾ ئي گميبلا ٿاڻي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام  بڻائي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابي فائرنگ سان دهشتگرد فرار ٿي ويا، حملي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو………….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون