تازه ترين

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير  ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير  ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ لوڊشيڊنگ وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

علي امين گنڊاپور جي گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي بحال ڪرڻ ۽ نيشنل گرڊ کي بجلي نه ڏيڻ واري ڌمڪي بعد وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ ڪي پي جي وڏي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير، وفاقي گهرو وزير  کي پنهنجن خدشن  ۽ عوامي شڪايتن بابت آگاهه ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخوا ۾ ٻارهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ تي ايندڙ ٻن ڏينهن  ۾ ڳالهين ۽ صلاح مشوري تي اتفاق ڪيو.

ڪي پي جي وڏي وزير  ۽ گهرو وزير اتفاق ڪيو ته سهڻي نموني ڳالهين ذريعي غلط فهميون ختم ڪيون وينديون.

علي امين گنڊا پور، محسن نقويءَ کين  گرڊ اسٽيشنن جي حفاظت ۽ تحفظ يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته گهرو وزير چيو ته پوري ڪوشش آهي ته خيبرپختونخوا ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو، سمورن وفاقي ٿاڪن جي حفاظت سندن ذميواري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون