تازه ترين

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مطالبو

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيوته علي امين گنڊاپور اڪثريت وڃائي ويٺو، هو اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هن چيو ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت وارو وڏو وزير اسيمبلي وڃڻ کان لنوائيندو آهي، چار ڀيرا اجلاس ملتوي ٿي چڪو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وڏي وزير اڪثريت ناهي، سندس خلاف بي اعتمادي واري رٿ اچي سگهي ٿي، هو سرڪاري طور به علي امين گنڊاپور کي اعمتاد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. ڪي پي جي گورنر چيو ته اسيمبليءَ ۾ بل آندو وڃي ته سياستدانن ۽ بيوروڪريٽن جا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن، جيستائين هو ويٺو آهي يونيورسٽي جي هڪ انچ  زمين به وڪرو ٿيڻ نه ڏيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون