خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪاررواين ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان مقابلي دوران پاڪ فوج جي ستن جوانن شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڪي پي ۾ سڪيورٽي فورسز 3 ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون ۽ اثرائتي نموني دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو.
ترجمان چيو ته 26 مئيتي ڳجهي اطلاع تي پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران ڪيپٽن حسن جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 27 مئي تي ٽانڪ ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا.
خيبر ضلعي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا پنج جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ نائڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ محمد ياسين شامل آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشترد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.