- Advertisement -
خيبر ضلعي جي تيراهه واديءَ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي تيراهه واديءَ ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو ويو.
آپريشن دوران دهشتگرد ليڊر عابد الله تراب سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي ۽ هو سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز مان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
