تازه ترين

خيبر ضلعي جي وادي تيراهه  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا

خيبر ضلعي جي وادي تيراهه  ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد ماريا ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خيبر ضلعي جي تيراهه واديءَ ۾ آپريشن ڪيو.

آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ  ۾ لفيٽيننٽ ڪرنل سميت 4 جوان شهيد ٿي ويا.

شهيدن ۾ 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪنرل حسن حيدر، 31 ورهين جو نائڪ خوشدل، 33 ورهين جو لانس نائڪ عبدالقادر ۽ 27 ورهين جو لانس نائڪ رفيق خان شامل آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرديءَ جي امڪاني موجوده جي خدشي سبب علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب خيبر ۾ شهيد ٿيل چئني جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب پشاور گيريزن ۾ ادا ڪيل جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور سميت فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻن علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون