- Advertisement -
خيبر ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي تيراهه وادي ۾ ٽن هنڌن تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٽن جوانن بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ حوالدار انعام گل، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي الطاف خان شامل آهن، انعام گل جو تعلق ميانوالي سان آهي، جڏهن ته 39 ورهين جو سپاهي محمد عمران جو تعلق ٽانڪ ضلعي ۽ 22 ورهين جي سپاهي الطاف خان جو تعلق مردان سان آهي.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي………..- Advertisement -
