خيرپور ويجهو ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ڳوٺاڻو مارجي ويو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
اڪنامڪ زون واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل بيگو ماري پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار خادم حسن ڄامڙو شهيد ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻوعلي محمد مري قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ پوليس اهڪار امتياز پنهور زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته بدنام ڌاڙيل بيگو مري پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ هڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار ڳوٺاڻي کي ساڻ ڪري حاضري لاءِ ڪورٽ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن پوليس موبائيل تي فائرنگ ڪري ڏني…………