تازه ترين

خيرپور ۾ اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙ جو قاتل زخمي حالت ۾ گرفتار

- Advertisement -
خيرپور پوليس اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙ جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي زخمي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ايس ايس پي خيرپور آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪنب ڀرسان ڳوٺ گل محمد ڄامڙو تي اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي. پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران جوابدارن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ واحد ڄامڙو طور ٿي جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي خيرپور جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهيد اي ايس آءِ امير بخش سوڍڙ جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
8 %
5.3kmh
10 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون