تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

خيرپور ۾ جي ڊبليو سي پاران نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو

خيرپور ۾ جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس پاران راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جي ڊبليو سي جي سڏ تي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، شوڪت نوناري، ظفر ابڙي، اظهر گل سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ڌرڻي ۾ فاطمه ڦرڙو جي والد، امڙ، سول سوسائٽي، وڪيلن، قلم ڌڻين، شهرين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جو ناحق خون ڪنهن به صورت ۾ لوڙهڻ نه ڏنو ويندو ڪير ڪيترو به بااثر هجي ان سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي.

هنن چيو ته فاطمه ڦرڙو جو قتل هر هڪ غيرتمند ماڻهو جي نياڻي جو قتل آهي، سنڌ ۾ روزازو نوان واقعا پيش اچي رهيا آهن، انتهائي افسوس جوڳي صوتحال پيدا ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته نينگريءَ جو حويليءَ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ وڏو سانحو آهي، اسد علي شاهه سميت واقعي جي ڪردارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو ڌرڻي ۾ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسي، اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ثبوتن جي بنياد تي حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائي ويندي.

هن چيو ته فاطما ڦرڙو جي واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سڀاڻي يا سومر ڏهاڙي نينگريءَ جي قبر ڪشائي ڪئي ويندي.

ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسي چيو ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ شيون واضح ٿي وينديون ته نينگريءَ سان ڇا ٿيو آهي؟.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون