تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خيرپور ۾ جي ڊبليو سي پاران نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خيرپور ۾ جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس پاران راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جي ڊبليو سي جي سڏ تي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، شوڪت نوناري، ظفر ابڙي، اظهر گل سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ڌرڻي ۾ فاطمه ڦرڙو جي والد، امڙ، سول سوسائٽي، وڪيلن، قلم ڌڻين، شهرين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته فاطمه ڦرڙو جو ناحق خون ڪنهن به صورت ۾ لوڙهڻ نه ڏنو ويندو ڪير ڪيترو به بااثر هجي ان سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي.

هنن چيو ته فاطمه ڦرڙو جو قتل هر هڪ غيرتمند ماڻهو جي نياڻي جو قتل آهي، سنڌ ۾ روزازو نوان واقعا پيش اچي رهيا آهن، انتهائي افسوس جوڳي صوتحال پيدا ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته نينگريءَ جو حويليءَ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ وڏو سانحو آهي، اسد علي شاهه سميت واقعي جي ڪردارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو ڌرڻي ۾ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسي، اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ثبوتن جي بنياد تي حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائي ويندي.

هن چيو ته فاطما ڦرڙو جي واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سڀاڻي يا سومر ڏهاڙي نينگريءَ جي قبر ڪشائي ڪئي ويندي.

ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسي چيو ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ شيون واضح ٿي وينديون ته نينگريءَ سان ڇا ٿيو آهي؟.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون