تازه ترين

خيرپور ۾ ڦٽيءَ جو حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل

خيرپور ۾ ڦٽيءَ جو حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن .

خيرپور ضلعي ۾ ڦٽين جي آبادگارن، ھارين ۽ فارمر ايسوسيئيشن نيٽورڪ جي اڳواڻن گلزار ڪٻر، محمد عرس انصاري، خالق خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت طرفان ڦٽين جو اگھه في مڻ ساڍا 8 ھزار رپيا مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو تمام گھٽ آهي پر ان جي باوجود واپاري مقرر اگهه به ڏيڻ لاءِ تيار نه آھن .

هن چيو ته فصل تي تمام گهڻو خرچ ٿي رهيو آهي، فيڪٽرين جا مالڪ 5 کان 6 ھزار رپيا ڦٽي جي في مڻ جو اگھه ڏئي رھيا آھن.

سندن چوڻ هو ته گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ سبب اڳ ئي فصل تباھه ٿي ويا هئا، ھن سال مشڪلاتن سان قرض کڻي فصل ڪيو آهي، اگھه نه ملي رهيو آهي. آبادگارن جو چوڻ هو ته نوٽيس وٺي آبادگارن مقرر ڪيل سرڪاري اگھه ڏياريو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون