آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ايس ايس پي خيرپور، سياسي ماڻھن جي بنگلن تي نوڪري ڪندڙ 113 پوليس اهلڪارن کي هٽائي پوليس لائن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پيپلزپارٽي جي مختلف اڳواڻن اڳوڻي وڏو وزير سيد قائم علي شاھ، منظور وساڻ، جاويد علي شاھ ، مھرين ڀٽو، ساجد ٻانڀڻ، نواب وساڻ منور وساڻ سميت مختلف سياسي ماڻھن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڪندڙ 113 پوليس اهلڪارن کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسي پاران هٽايل اهلڪارن کي پوليس لائن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
هٽايل پوليس اهلڪارن جا آرڊر پوليس پڪٽُن تي ٿيل هئا پر سياسي ماڻھو اهلڪارن کي گڏ کڻي ڪري پنهنجي ذاتي ڪمن ۾ استعمال ڪندا هُئا