دادو جي عدالت سرڪاري هٿيار وڪرو ڪرڻ ۽ جوابدارن جي سهولتڪاري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن پوليس اهلڪارن کي هڪ-هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
سيڪنڊ سول جج ارشاد علي خاصخيلي جي عدالت سرڪاري ھٿيار وڪرو ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي پوليس اهلڪار سڪندر برهماڻي، اھلڪار سومر چانڊيو ۽ اهلڪار ڄام خان پتافي کي هڪ -هڪ سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي آهي.
الزام هيٺ آيل ٽنهي پوليس اھلڪارن جوابدارن کي لکين روپين جي ماليت جا سرڪاري ھٿيار پوليس ھيڊ ڪوارٽر مان چوري ڪري وڪرو ڪيا ھئا.
ٽنهي پوليس اھلڪارن خلاف سرڪار جي فرياد تي رڪڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او رسول بخش پنھور جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.