- Advertisement -
دادو جي عدالت قتل ڪيس ۾ هڪ ڀاءُ کي عمر قيد ۽ هڪ ڀاءُ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي.
فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار نياز کوکر کي سزا ٻڌائي.
عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي فقير محمد کوکر کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدار نياز کوکر کي پوليس پهري هيٺ سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
2010ع ۾ محمد حسن پنهور جي قتل جو ڪيس رڪڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.- Advertisement -
