تازه ترين

حڪومت سنڌ مان افغانين کي ڪڍڻ لاءِ سنجيدا ناهي : صنعان خان قريشي

- Advertisement -
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي آهي ته حڪومت سنڌ مان افغانين کي ڪڍڻ لاءِ سنجيدا ناهي، ڪراچي ۾ افغان بستي ۾ سرڪار نمائشي طور افغانين خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لکين جي تعداد ۾ افغانين ڪراچي ۾ موجود آهن. هڪ بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريسي چيو ته افغانين پنهنجون ملڪيتون خريد ڪري جعلي دستاويز ذريعي نادرا کان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن. هن چيو ته حڪومت کي افغانين خلاف ڪنهن نمائش ڪاروائي کان سواءِ سنجيدا ڪاروائي ڪري سڄي سنڌ ۾ افغانين جي نيڪالي لاءِ آپريشن ڪرڻ گهرجي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته افغانين جي غير قانوني آبادي سبب سنڌ ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات ۽ هٿيارن جو سرعام وڪرو ٿئي ٿو. هن چيو ته  افغانين سنڌ جي معيشيت تي بار آهن، ڪراچي، ٺٽي، ڄامشوري، حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جو سبب آهن. سندس چوڻ هو ته  افغانين ڪراچي ۾ ارشاد راجهاڻي حيدرآباد ۾ بلال ڪاڪا کي بيدردي ڪري سنڌي نوجوانن جو رت وهايو. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته افغانين جي ڏيھه واپسي لاءِ سڄي سنڌ مسلسل احتجاج ڪري رهي آهي، تنهن ڪري سرڪار کي بنا دير افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون