تازه ترين

دادو جي عدالت ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

دادو جي عدالت ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي سموري سنڌ وائکو ڪري چڪي آهي، واقعي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ وڪيل صلاح الدين پنھور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.

الزام ھيٺ آيل ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو ۽ ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوھر، سڪندر، ذولفقار چانڊيو ۽ مرتضيٰ چانڊيو کي پوليس جيل کان عدالت ۾ آندو ويو.

عدالت ۾ ان وقت جي تپيدار نديم مهيسر کان ڪيس رپورٽ بابت آڏي پڇا ڪئي وئي.

عدالت آڏي پڇا مڪمل ٿيڻ بعد ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته هو اميد سان بيٺا آهن ته انشاءَ الله سردارن ۽ جاگيردارن کي سزا ملندي ۽ عدليه انصاف ڪندي.

هن چيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي سڄي سنڌ وائکو ڪري چڪي آهي، جيڪو رنگ ڏنو پيو وڃي ان کي هو رد ڪن ٿا.

ام رباب چانڊيو چيو ته هو شهيد صحافي نصرالله کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا، هو سنڌ جو هيرو هو جيڪو شهادت ماڻي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو.

ام رباب چانڊيو چيو ته شهيد صحافي نصرالله سرداري نظام خلاف آواز بلند ڪيو، اتان جي پوليس، وڏيرن ۽ سردارن جي ڪمداري ڪري رهي آهي ڇو جو کين پوسٽنگ پياري آهي، پوليس مان انصاف جي ڪابه اميد ناهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون