تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دادو جي عدالت ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
دادو جي عدالت ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي سموري سنڌ وائکو ڪري چڪي آهي، واقعي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ وڪيل صلاح الدين پنھور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. الزام ھيٺ آيل ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو ۽ ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوھر، سڪندر، ذولفقار چانڊيو ۽ مرتضيٰ چانڊيو کي پوليس جيل کان عدالت ۾ آندو ويو. عدالت ۾ ان وقت جي تپيدار نديم مهيسر کان ڪيس رپورٽ بابت آڏي پڇا ڪئي وئي. عدالت آڏي پڇا مڪمل ٿيڻ بعد ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته هو اميد سان بيٺا آهن ته انشاءَ الله سردارن ۽ جاگيردارن کي سزا ملندي ۽ عدليه انصاف ڪندي. هن چيو ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي سڄي سنڌ وائکو ڪري چڪي آهي، جيڪو رنگ ڏنو پيو وڃي ان کي هو رد ڪن ٿا. ام رباب چانڊيو چيو ته هو شهيد صحافي نصرالله کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا، هو سنڌ جو هيرو هو جيڪو شهادت ماڻي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. ام رباب چانڊيو چيو ته شهيد صحافي نصرالله سرداري نظام خلاف آواز بلند ڪيو، اتان جي پوليس، وڏيرن ۽ سردارن جي ڪمداري ڪري رهي آهي ڇو جو کين پوسٽنگ پياري آهي، پوليس مان انصاف جي ڪابه اميد ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون