تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دادو ۾ عوامي تحريڪ اڳواڻ لال جروار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

دادو ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، پاڻي تي ڌاڙن، وسيلن جي ڦرلٽ، ڌارين جي يلغار، ڌاڙيل راڄ ۽ مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ پاران ڪانفرنس ڪوٺائي وئي .

ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن پاران سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

اڳواڻن ڊجيٽل آدمشماري رد ڪندي نين تڪبندين کي سنڌ ورهائڻ جي سازش قرار ڏنو.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وجود تي حملو آهي، سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت خلاف سپريم ڪورٽ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري.

ھن چيو تھ آئين جي رٽ کي چيلينج ڪندڙ ادارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام  وارو ڏينهن سنڌي عوام لاءِ ڪارو ڏينهن آهي.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار جو چوڻ ھو تھ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي،  آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.

ڪانفرنس کي نور احمد ڪاتيار، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماهھ نور ملاح، ستار رند، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، سرتاج چانڊيو، عاطف ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريب مسڪين ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون افغانستان سمگل ڪيون پيون وڃن

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون