دريا خان مري ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان نوابشاهه جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
اڱاري ڏينهن ڳوٺ انب خاصخيلي ۾مال جي ڀيل تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ 26 ورهين جو اياز خاصخيلي زخمي ٿي پيو هو.
واقعي بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
26 ورهين جي اياز خاصخيلي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.