راڻيپور ۾ پاڪستاني عالمي مشائخ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، درگاهه حضرت سچل سرمست جي سجاده نشين پير خواجه عبدالحق فاروقي کي ٽن سالن لاءِ پاڪستاني عالمي مشاخ ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
علماءِ ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجه عبدالحق فاروقي چيو ته اهو مشائخ ڪائونسل جو ٿورائتو آھي جن اتفاق راءِ سان مون مٿان وڏي ذميواري رکي آھي.
هن چيو ته پاڪستان جي درگاھن جي مسئلن تي وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪيو ويندو .
سندس چوڻ هو ته مشائخ ڪائونسل ذريعي درگاھن جا ترقياتي ڪم توڙي ٻيا مسئلا پيش ڪيا ويندا.
هن چيو ته مشائخ ڪونسل ملڪ جي سلامتي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ملڪ ۾ انتهاپسندي جي خاتمي، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته امن، ڀائيچاري ۽ رواداري سان هن ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ هر مڪتب فڪر جي ماڻھن سان ڳالهايو ويندو.
هن چيو ته تعليم جي واڌاري لاءِ درگاهن جي سجاد نشين سان گڏجي جاڳرتا مهم پڻ هلائي ويندي.