تازه ترين

دنيا خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته دنيا خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، خوراڪ جو عالمي ڏينهن کين کاڌو ضايع نه ڪرڻ جو درس ڏي ٿو.

مرتضيٰ وهاب ڪراچي يونيورسٽي پهتو، جتي يونيورسٽي جي وي سي ۽ استادن سندس آجيان ڪئي، ڪراچيءَ جي ميئر  خوراڪ جي عالمي ڏهاڙيليبارٽري جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ معياري خوراڪ هر شخص جو حص آهي، ان ڪري کين قدم کڻڻا پوندا.

هن چيو ته ننڍن ٻارن کي خوراڪ جي کوٽ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سموري دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ خوراڪ  بابت احساس پيدا ڪرڻ آهي.

مرتضيٰ وهاب جرمني جي قونصل جنرل سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڪراچيءَ جي ميئر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي وسيع گنجائش آهي، جرمني شهري سهولتن جي فراهمي ۽ سائنس ٽيڪنالاجي ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ جرمن سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون