تازه ترين

دهشتگردن جي وسيع پئماني تي ڌاڙن ۽ ڀتي خوريءَ جا تفصيل سامهون اچي ويا

- Advertisement -
دهشتگردن جي وسيع پئماني تي ڌاڙن ۽ ڀتي خوريءَ جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز طرفان فتنه الخوارج جي ماريل دهشتگردن وٽان دستاويزي ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. دهشتگرد پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ سان گڏوگڏ ڌاڙن ۽ ڀتي خوري جي سنگين وارداتن ۾ به ملوث آهن. ذريعن موجب ڏکڻ خيبرپختونخوا جي علائقي ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن بينڪ ڦـُـري، ڊيزا اسماعيل خان ۾ بئنڪ جي رقم کڻي ويندڙ گاڏين تي دهشتگردن 9 جولاءِ، 30 جولاءِ ۽ 8 آگسٽ تي حملا ڪيا ۽ 56 ملين رپين کان وڌيڪ رقم ڦري. ذريعن موجب دهشتگردن رقم کڻي ويندڙ گاڏين کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو، ڦريل رقم مان دهشتگرد نور ولي  جي حڪم تي 4 لک رپيا دهشتگرد سيلاب کي ڏنا ويا، دهشتگردن ۾ 17 لک رپيا ورهايا پڻ ويا. دستاويزي ثبوتن موجب ڦريل رقم حواله هنڊي ذريعي پاڪستان کان افغانستان جي علائقن الامان ۽ خوست ۾ لڪل دهشتگردن ڏانهن موڪلي ويندي آهي. دفاعي ماهرن موجب دهشتگرد اصل ۾ ڌاڙيلن ۽ غنڊن جو گروهه آهي، جيڪي معصوم پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال جا دشمن آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون