- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو بحران آهي، دهشتگردي خلاف وفاق ۽ صوبن کي گڏ بيهڻو پوندو، دهشتگرديءَ جي معاملي تي سياست برداشت نه ڪئي ويندي، افغانستان دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڳالهين لاءِ هڪ وفد ايندڙ هفتي افغانستان موڪلڻ جي تجويز آهي.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا، ان مسئلي تي سڀني کي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي، پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڻ مڃرايو، ڀارت اڃا تائين پنهنجا زخم پٽي رهيو آهي.
هن چيو ته هنن افغانستان کي دهشتگردن جي پناهگاهون ختم لاءِ چيو، افغانستان 10 ارب رپين جو مطالبو ڪندي ٻڌايو ته هو ان رقم دهشتگردن کي اولهندن صوبن ڏانهن منتقل ڪندا.
خواجه آصف چيو ته هنن افغانستان کان ضمانت گهري پر ڪا به ضمانت نه ڏني وئي، هاڻي تجويز آهي ته ڏينهن ٻن ۾ هڪ وفد افغانستان وڃي ڳالهائي ته معاملا برداشت کان ٻاهر ٿي چڪا آهن.
بچاءَ واري وزير چيو ته 60 کان 70 لک افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا، ڪنهن جو ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار ته ڪو ٺيڪيداري ڪري ٿو، ٽن نسلن کان هتي رهندڙ افغاني پاڪستان زنده باد جو نعرو نٿا هڻن، افغان جنهن ٿانوَ ۾ کائن ٿا ان ۾ ئي سوراخ ڪن ٿا.
خواجه آصف چيو ته افغان ڌرتيءَ کان دهشتگردي ٿي رهي آهي، هتي ڪجهه ماڻهو مذمت ڪرڻ کان به لنوائن ٿا.
بچاءَ واري وزير چيو ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي سياست برداشت نه ڪئي ويندي، دهشتگردي خلاف وفاق ۽ صوبن کي گڏ بيهڻو پوندو.
خواجه آصف چيو ته روزانو شهادتون ٿي رهيون آهن، ان تي ڳالهايو وڃي، سياست تي ڳالهيون ٿينديون رهنديون………………- Advertisement -
