تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دهشتگردي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي چڪي  آهي، دهشتگردن کي هر قيمت تي شڪست ڏني ويندي : وزيراعظم

- Advertisement -
دهشتگردي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي چڪي  آهي، دهشتگردن کي هر قيمت تي شڪست ڏني ويندي، دهشتگردن جو آخري حد تائين پيڇهو ڪيو ويندو. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي اختلاف هڪ پاسي تي رکي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀ هڪ پيج تي آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري قوم متحد آهي، سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏئي رهيون آهن، شهيدن ۽ سڪيورٽي فورسز جي قربانين  کي وساري نه ٿو سگهجي. سندس چوڻ هو ته ملڪي غير معمولي حالتن مان گذري رهيو آهي، بلوچستان ۽ ڪي پي جون حالتون سڀني سامهون  آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو مقصد هو ته سياستدان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ متحد آهن. هن چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مسلسل قربانيون ڏئي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾  پارليامينٽ، حڪومت، رياست سميت سڀني کي اتحد ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون