تازه ترين

دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪمت عملي بڻائڻي پوندي : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪمت عملي بڻائڻي پوندي، ڪنهن کي به غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊونلڊ بلوم جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. وفاقي گهرو وزير پاران آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان ۾ هاڻوڪي دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪمت عملي بڻائڻي پوندي، ڪنهن کي به غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن ڀرپور سهڪار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون