- Advertisement -
دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جديجا شاهه خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيد شاهه ايڊووڪيٽ ڪيس جي پيروي ڪئي.
پوليس طرفان جديجه شاهه کي چوڏهن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
خديجا شاهه کي 2 هفتا اڳ لاهور کان راهداري رمانڊ تي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو هو، جنهن بعد کيس عدالت پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.- Advertisement -
