تازه ترين

دهشتگرد اسرائيل جا فلسطينين تي وحشياڻا حملا جاري، يهودي فوج جي نصيرات ڪيمپ تي بمباري ۾ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا

دهشتگرد اسرائيل جا معصوم فلسطينين تي وحشياڻا حملا جاري آهن، گذريل24 ڪلاڪن دوران 82 کان وڌيڪ فلسطينين کي  شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ کي زخمي ڪيو ويو.

عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج جي نصيرات ڪيمپ تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا

عرب ميڊيا موجب عمارت ۾ تقريبن هڪ سئو بي گهر فلسطيني پناهه وٺي ويٺا هئا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن.

عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر2003 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 35 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 79 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪاآهن.

ٻئي پاسي فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته غزه جنگ ۾ شهيد ٿيلن ۾ 56 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن.

فلسطيني اختيارين موجب، شهيد ٿيلن مان 25 هزار ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون