تازه ترين

دهشتگرد تنظيم ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محمود جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ منصوبا بندي جو انڪشاف

- Advertisement -
دهشتگرد نور ولي محسود جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ منصوبا بندي جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فتنه الخوارج جو سربراهه نور ولي  پاڪستان ۾ داخل ٿي هڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائيندو، وڊيو رڪارڊ ڪرائڻ جو مقصد ٻڌائڻ هوندو ته پاڪستان ۾ آهي، افغانستان ڀڄي وڃڻ وقت وڊيو کي منظر تي آندو ويندو. ذريعن موجب، دهشتگرد افغانستان ۾ ئي وڊيو رڪارڊ ڪرائي پاڪستان ۾ هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ 13 نومبر تي نور ولي جي آڊيو ليڪ ٿي هئي، جنهن ۾ هو هيٺين درجي جي دهشتگردن کي واپس نه اچڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو هو، 13 ۽ 14 نومبر جي وچ واري رات نور ولي ۽ حاجي گل بهادر ٽولي ۾ جهيڙي ۾ آپگهاتي حملي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا هئا. دفاعي ماهرن موجب، سڪيورٽي فورسز جي فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين خارجي نور ولي جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا آهن، پاڪ فوج جي روزاني جي بنياد تي انٽيليجنس بيسٽڊ آپريشن فتنه الخوارج کي رڳو جاني ۽ مالي نقصان پهچايو. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته نقصانن سبب دهشتگردن جي صفن ۾ مايوسي جي لهر آهي، نور ولي محسود جي نااهلي کان دهشتگردن جو وڏو انگ ناراض آهي، جنهن جو واضح ثبوت نور ولي جي آڊيو ليڪ آهي جنهن ۾ هو دهشتگردن کي واپس نه اچڻ جي ڌمڪي ڏئي پيو. دفاعي ماهرن موجب، نور ولي محسود جو پاڪستان ۾ اچي وڊيو رڪارڊ ڪرائڻ جو مقصد اندروني اختلافن کي لڪائڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
33.7 ° C
33.7 °
33.7 °
7 %
7kmh
96 %
اربع
32 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون