دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ساٿين سان گڏجي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ واٽهڙو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ڳوٺ نثار ڪٽوهر ۾ جوابدار عابد ڪٽوهر ساٿين سان گڏجي ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان بابو لهر کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي گهر واري حاجران کي به قتل ڪري ڇڏيو.
جوابدارن جي فائرنگ ۾ واٽهڙو امين ڪٽوهر مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
مقتولن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو دوداپور ۾ عورت سميت ٽن ڄڻن جي قتلن جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتو.