تازه ترين

ذخيرو ڪندڙن ۽ سمگلنگ خلاف ڀرپور مهم جاري رهندي : نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي طئي ڪندي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سمگلنگ خلاف ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، سول ادارا پنهنجي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪن، ذخيرو ڪندڙن ۽ سمگلنگ خلاف ڀرپور مهم جاري رهندي، سمورن ادارن کي موجود وسيلن تحت ڀرپور ڪم ڪرڻو پوندو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجلي چوري، ذخيرا اندوزي ۽ سملنگ روڪڻ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي طئي ڪندي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سمگلنگ خلاف ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سول ادارا پنهنجي ڪارڪردگي وقت سان گڏ وڌيڪ بهتر ڪن، بجلي چوري، ذخيرو ڪندڙن ۽ سمگلنگ خلاف مهم ڀرپور انداز ۾ جاري رهندي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سمورن ادارن کي موجود وسيلن تحت ڀرپور ڪم ڪرڻو پوندو، سڄي ملڪ ۾ رياست جي عملداري هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ سمگلنگ خلاف ڏهن ڏينهن ۾ حوصلو ڏيندڙ خبرون اچي رهيون آهن.

هن چيو ته صوبائي پوليس سربراهن، چيف سيڪريٽريز ۽ انٽيليجنس بيورو جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو، اڄوڪو اجلاس هڪ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بجلي چوري، ذخيره اندوزي ۽ سمگلنگ جا سڌو سنئون ناڪارا اثر معيشيت تي پوندا آهن…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
52 %
1.5kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون