تازه ترين

ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي : غلام مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، سنڌ کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ متحد ٿيڻو پوندو. لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اين پي پي سربراهه چيو ته ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس وارن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻا هئا پر هو ڄاڻي واڻي نه آيا جنهنڪري عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته هو راشد محمود سومري جا ٿورائتا آهن جن کين جي يو آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، سنڌ کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ متحد ٿيڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون