تازه ترين

رئوف حسن جا ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان به واٽس ايپ ذريعي رابطن جو انڪشاف

- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن جي ڀارت سان لاڳاپن جا واضح ثبوت سامهون اچي ويا، جنهن سان پي ٽي آءِ باني جي رياست مخالف موقف کي پکيڙڻ ۾ ڀارتي مددگاري وائکي ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي رياست مخالف ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ۽ ڀارتي لابي متحرڪ آهن. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري رئوف حسن جي آمريڪي رائن گرم کانپوءِ ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان به واٽس ايپ ذريعي رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي. رئوف حسن طرفان 19 نومبر 2022ع تي ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان پارٽي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر طور باضابطا رابطو ڪيو ويو، شروعاتي واٽس ايپ پيغام ۾ ڀارتي صحافي رئوف حسن کان شاهه محمود قريشي جي امڪاني انٽرويو بابت پڇا ڪئي. ڪرن ٿاپر 24 نومبر 2022ع تي رئوف حسن جو موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير بابت پنهنجو ۽ را جي اڳوڻي سيڪريٽري راڻا بنيرجي سان يوٽيوب تي ٿيل انٽرويو به شيئر ڪيو. رئوف حسن سان را سيڪريٽري جي شيئر ڪيل انٽرويو ۾ ڀارتي ڪرن ٿاپر موجوده آرمي چيف کي ڀارت لاءِ وڌيڪ هارڊ لائنر قرار ڏنو، 25 نومبر 2022ع تي ڀارتي ڪرن ٿاپر، واٽس ايپ پيغام ذريعي رئوف حسن سان جنرل عاصم منير بابت هڪ پاڪستاني صحافي جو انٽرويو شيئر ڪيو. رئوف حسن جواب ۾ پاڪستاني صحافي کي اعتبار نه ڪرڻ جوڳو شخص قرار ڏيندي آرمي چيف بابت حساس معلومات ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر سان شيئر ڪئي. اعتبار جوڳن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته رئوف حسن فيبروري 2023ع ۾ واٽس ايپ پيغام ذريعي يوڪرين جي معاملي تي ڀارتي موقف کي ساراهيندي پاڪستاني موقف تي سخت اعتراض ڪيو، رئوف حسن جو چوڻ هو ته غير جانبدار رهڻ جي خواهش جي ڀيٽ ۾ ڀارت جو موقف سمجھه ۾ اچي ٿو. پاڪستان تي تنقيد ڪندي ۽ سنگين الزام لڳائيندي رئوف حسن، ڀارتي ڪرن ٿاپر کي چيو ته پاڪستان جو موقف انتهائي حيران ڪندڙ آهي، پاڪستان گڏيل قومن ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو پر اطلاع آهن ته پاڪستان يوڪرين کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. مارچ 2023ع تي ڀارتي ڪرن ٿاپر کي اماڻيل رئوف حسن جي پيغامن ۾ چڙڏياريندي پي ٽي آءِ باني جي گهر مان گرفتارين کي رياستي تشدد قرار ڏنو ويو. رئوف حسن پاران هڪ ڀارتي صحافي کي موڪليل چڙ ڏياريندڙ ۽ خوفناڪ پيغامن ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڪستان خوني انقلاب لاءِ تيار نظر اچي ٿو. اعتماد جوڳا ذريعا ان ڳالهه جي به تصديق ڪري رهيا آهن ته 10 مئي 2023ع تي رئوف حسن طرفان زوم تي ڪرن ٿاپر سان انٽرويو به رڪارڊ ڪيو ويو هو، 11 مئي 2023ع تي هڪ واٽس ايپ پيغام ذريعي رئوف حسن پاڪ فوج جي مختلف دستن جي چرپر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو. رئوف حسن معمول جي فوجي چرپر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ۽ چيو ته ”پاڪستان جي روڊن ۽ گهٽين ۾ مڪمل فوجي چرپر نظر اچي رهي آهي. غير ضروري مونجهارو پيدا ڪندي رئوف حسن چيو ته هو اڻ اعلانيل مارشل لا دور مان گذري رهيا آهن، ڀارتي ڪرن ٿاپر کي رئوف حسن جا غير محتاط واٽس پيغام انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي پيغام اصل ۾ ڪرن ٿاپر ذريعي را اهلڪارن لاءِ ڄاڻ جو خزانو هئا، تحريڪ انصاف جي ترجمان پيغامن ذريعي ملڪي حساس ڄاڻ هڪ ڀارتي کي پهچائي ته جيئن پاڪستان مخالف پروپيگنڊا سگهجي. واٽس ايپ پيغام ان ڳالهه جي به تصديق ڪري رهيا آهن ته تحريڪ انصاف اڳواڻ رئوف حسن ڀارتي صحافي ڪرن ٿاپر کي راضي ڪيو ته هو پاڪ فوج خلاف ناڪاري تاثرن تي ٻڌل موقف جي پکيڙ ڪري. دفاعي ماهرن موجب، حساس معلومات کي پهچائڻ جو مقصد رياست مخالف موقف کي ڀارتي ميڊيا ۾ پروپيگنڊا طور استعمال ڪرڻ هو، هي پيغام نه رڳو رياست کي بدنام ڪرڻ جي سازس هئا پر انقلاب جي نالي تي ڀارتي ميڊيا ۾ پروپيگنڊا ڪرڻ هو. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن ثبوتن کي نظر ۾ رکندي رئوف حسن ۽ سندس مددگارن خلاف مڪمل ۽ ڪڙي جاچ ٿيڻ گهرجي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون