تازه ترين

آمريڪي شهري فوجي وردي کانسواءِ ڪاروبار يا سفارتي لاڳاپن لاءِ افغانستان اچي سگهن ٿا: امير خان متقي

- Advertisement -
افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي آمريڪا سميت ٻين ملڪن سان بهتر لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمريڪي شهري فوجي وردي کانسواءِ ڪاروبار يا سفارتي لاڳاپن لاءِ افغانستان اچي سگهن ٿا. طلوع نيوز جي رپورٽ موجب امير خان متقي بي بي سي فارسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته افغانستان جي وقتي حڪومت آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته جڏهن اهي دوحا ۾ آمريڪا سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا تڏهن به چوندا هئا ته افغانستان ۾ فوجي وردي ۾ ڪنهن به آمريڪي کي قبول نه ڪندا ۽ هاڻي به اهو ئي چئي رهيا آهن ته ڪنهن به آمريڪي شهري کي فوجي وردي ۾ قبول نه ڪندا، پر جيڪڏهن سفارتي سطح تي اچن ته کين ڪو مسئلو نه آهي. امير خان متقي چيو ته وقتي حڪومت کي هن وقت تائين آمريڪي امداد نه پهتي آهي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ وقتي حڪومت کي آمريڪي حڪومت طرفان هڪ ڊالر به فراهم نه ڪيو ويو آهي. طالبان جي وقتي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته دنيا جي ملڪن خاص ڪري آمريڪا کان جيڪا امداد نظام تحت ملندي آهي، جيڪا گڏيل قومن جي فريم ورڪ ۾ سالن کان ڏني پئي وڃي ۽ گذريل 3 سالن دوران افغانستان جي حڪومت کي هڪ ڊالر به نه ڏنو ويو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون