تازه ترين

راندجي ميدان ۾ ڀارت جي اجائي هوڏ….!

- Advertisement -
بي سي سي آءِ حڪومت سان صلاح مشوري کانپوءِ مينز ايشيا ڪپ 2025 ۽ وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ 2025 تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽورنامينٽن جي مستقبل تي سواليا نشان لڳي پيو آهي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدارت هن وقت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي وٽ آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بي سي سي آءِ جو موقف آهي ته ڀارت اُن ايونٽ ۾ حصو نٿو وٺي سگهي، جنهن جي سربراهي پاڪستاني وزير وٽ هجي. بورڊ جي هڪ اهلڪار موجب وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ کان دستبرداري بابت زباني اطلاع ڏنو ويو آهي. مينز ايشيا ڪپ سيپٽمبر 2025 ۾ ڀارت ۾ شيڊول آهي، جڏهن ته وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ 6 کان 15 جون 2025 تائين سري لنڪا ۾ کيڏجڻُو هو. ڀارت جي انڪارسان ٽائيٽل اسپانسرشپ، براڊڪاسٽ ريونيو ۽ گيٽ منافعن جو ماڊل سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. پي سي بي پاران سري لنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊن سان به رابطا تيز ڪيا ويا آهن ته جيئن ٽورنامينٽ کي بچائي سگهجي.  نيوٽرل وينيو يا مختصر ٽرائي سيريز جا آپشن به غور هيٺ آهن. مداحن ۾ وڏي پيماني تي مايوسي پکڙجي وئي آهي، ڇو ته سياست ۽ ڪرڪيٽ جي ٽڪراءَ سبب هڪ ٻيوايونٽ غيريقيني صورتحال جو شڪار ٿي ويو آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون