- Advertisement -
راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جا 2 دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سي ٽي ڊي تي فائرنگ ڪئي جنهن دوران پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان آهي، ٻئي دهشتگرد راولپنڊي ۾ ڊولفن فورس تي حملي ۾ ملوث هئا جنهن ۾ ڊولفن پوليس جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو هو.
ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ نصيب الله ۽ احسان الله جي نالن سا ٿي، سندن قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ دستي بم به مليو آهي………- Advertisement -
