تازه ترين

راولپنڊي ۾ مسلسل تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو

- Advertisement -
راولپنڊي ۾ مسلسل تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب زندگي مفلوج ٿي وئي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات سبب نالا لئي جي سطح ٻيهر وڌڻ لڳي، جنهن بعد لاڳاپيل ادارن ۽ آبادين لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سيد پور ۾ 65 ملي ميٽر، گولڙا ۾ 51، پي بوڪڙا ۾ 110 ۽ ڪچهري واري علائقي ۾ 94 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بعد نالالئي ۾ پاڻي جي سطح ڪٽاريان تي 10 فوٽ ۽ گوالمنڊي وٽ 9 ڏهائي 5 فوٽ ٿي وئي، جڏهن ته گوالمنڊي تي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڪيترن ئي هنڌن تي گهرن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي بيهجي ويو. راولپنڊي جي شالي ويليج، ٽينچ ڀاٽه ۽ پيپلزڪالوني ۾ روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جڏهن ته علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون