تازه ترين

راڳي عاشق نظاماڻي پاران سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان جاري

لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور گهر مان ٿيل چوري ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس پاران  گرفتار نه ڪرڻ تي  راڳي عاشق نظاماڻي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويڊيو بيان جاري ڪري پوليس خلاف  سنڌ واسين کي دانهن ڏني آهي.

عاشق نظاماڻي چيو آهي ته هڪ مهينو اڳ چورن سندس گهر جا تالا ٽوڙي اڍائي تولا سونا زيور، ليپ ٽاپ، ڪئمرا، لينس، ٿانو کڻي ويا هئا.

هن چيو ته واقعي جو اطلاع الهه آباد ٿاڻي تي ڏنو هو،  پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي  هئي، پر هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. راڳي عاشق نظاماڻي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته  سنڌ دوست صلاح ڏين ته ڇا مون کي لڏڻ کپي يا هي دنيا، شهر ۽ ملڪ ڇڏڻ کپي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
32 %
1kmh
7 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون