مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله کي سياسي معاملن بابت وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداريءَ، راڻا ثناءُ الله جي مقرريءَ جي منظوري ڏني.
صدر ، راڻا ثناءُ الله جي مقرريءَ جي منظوري وزيراعظم شهبازشريف جي صلاح تي آرٽيڪل 93 هڪ تحت ڏني آهي.
راڻا ثناءُ الله کي وفاقي وزير جو درجو ڏنو ويو آهي.
ن ليگ جي قائد نوازشريف، راڻا ثناءُ الله کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.
راڻا ثناءُ الله ن ليگ جي گذريل دور ۾ وفاقي گهرو وزير هو پر 2024ع جي عام چونڊن ۾ فيصل آباد مان پنهنجي سيٽ هارائي ويو هو.