راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ پر اسرار نموني تڙپي تڙپي فوت ٿيل معصوم نينگري فاطمه جو قتل ڪيس پير اسد شاهه ۽ سندس گهرواري حنا شاهه تي داخل ڪيو ويو آهي.
نينگري فاطمه جي ماءُ شبانا جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ پير اسد شاهه ۽ سندس گهرواري حنا شاهه کي نامزد ڪيو ويو.
فريادڻ شبانه ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته ڌيءُ پير اسد شاهه جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، کين اطلاع ڏنو ويو ته فاطمه بيماري سبب فوت ٿي آهي. فريادڻ شبانه ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته ڌيءُ کي پير اسد ۽ سندس زال حنا شاهه تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، ڌيءُ جي جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا.