راڻيپور ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر پيرن جي حويلي ۾ سرچ آپريشن ڪيو آهي.
اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر چيو ته هڪ مهينو ٿي ويو آھي، مک جوابدار گرفتار آھي، جڏھن ته فريادي ڌر طرفان نامزد پير فياض شاھ ۽ حنا شاھ گرفتار نه ٿي سگهي آھي.
هن چيو ته جوابدار فياض شاهه ۽ حنا شاهه جي موجودگي جي اطلاع تي پيرن جي حويلي جي سرچ آپريشن ڪيو.
اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر چيو ته روپوش جوابدار جيستائين گرفتار نه ٿيندا آپريشن جاري رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته پير اسد شاھ جو موبائل پراپر طور تي فرازنڪ لاءِ ڏنو آھي جنھن جي رپورٽ جلد ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم جي ماسٽر ڪاپي ملندي ته ڪيس ۾ شامل ڪري چالان پيش ڪيو ويندو، جيڪڏهن جوابدار پاڻ پيش ٿيندا ته ڪيس جلد مڪمل ٿي ويندو .
هن وڌيڪ چيو ته پوليس پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آھي، ڊي آءِ جي سکر چارج وٺڻ کانپوءِ اڄ فاطمه جي وارثن سان ملاقات ڪئي.
ھن وڌيڪ چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ جلد اڳڀرائي نظر ايندي …..