تازه ترين

راڻيپور واقعي ۾ مک جوابدار اسد علي شاهه چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

راڻيپور جي عدالت نينگري فاطمه ڦرڙو جي تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ مک جوابدار اسد علي شاهه کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس سخت سڪيورٽي ۾ جوابدار اسد علي شاهه کي سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس جوابدار جي جسماني رمانڊ بابت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.

عدالت جوابدار اسد علي شاهه کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار پير اسد شاھه جو چئن ڏينهن جو رمانڊ ورتو آھي.

سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ لاڳاپيل ڪورٽ کان اجازت طلب ڪئي وئي آھي.

اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر چيو ته سي سي ٽي وي وڊيوز جو جائزو ورتو ويندو، لاڙڪاڻي کان فارنزڪ ٽيم ۽ سکر کان ڪرائيم سين ٽيم  راڻيپور پهچي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
66 %
0.6kmh
36 %
جمعو
14 °
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون