تازه ترين

راڻيپور ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار اسد شاهه جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو رمانڊ منظور

راڻيپور جي عدالت نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنجن ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پوليس سخت سڪيورٽي ۾ جوابدار اسد علي شاهه کي سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ عظيم سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

فريادي شبنم ڦرڙو طرفان سندس وڪيل نثار احمد ڀنڀرو، صفدر ڪناسرو، امر امتياز ميمڻ ۽ جوابدار ڌر جو وڪيل مرتضيٰ شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا.

فريادي ڌر جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته ڊي اين اي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽون ناهن آيون.

جوابدار ڌر جي وڪيل چيو ته سندس اصيل کان مڪمل انڪوائري ٿي چڪي آحي کيس جيل ڪسٽڊي ڪيو وڃي.

پوليس جوابدار جي وڌيڪ پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ بابت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.

عدالت جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون