تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

راڻيپور ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ مک جوابدار اسد شاهه جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو رمانڊ منظور

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

راڻيپور جي عدالت نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنجن ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پوليس سخت سڪيورٽي ۾ جوابدار اسد علي شاهه کي سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ عظيم سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

فريادي شبنم ڦرڙو طرفان سندس وڪيل نثار احمد ڀنڀرو، صفدر ڪناسرو، امر امتياز ميمڻ ۽ جوابدار ڌر جو وڪيل مرتضيٰ شاهه عدالت ۾ پيش ٿيا.

فريادي ڌر جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته ڊي اين اي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽون ناهن آيون.

جوابدار ڌر جي وڪيل چيو ته سندس اصيل کان مڪمل انڪوائري ٿي چڪي آحي کيس جيل ڪسٽڊي ڪيو وڃي.

پوليس جوابدار جي وڌيڪ پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ بابت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي.

عدالت جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون